لاڙڪاڻو : ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شڪارپور جي تپيدار کي 18 سال قيد ۽ 3 لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. لاڙڪاڻو جي ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڍل جون ڪوڙيون رسيدون ٺاهي ڏيڻ تي گرفتار ٿيل شڪارپور جي تپيدار سرفراز ڪٽپر کي پيش ڪيو ويو. تپيدار خلاف سال 2013ع کان 2014ع تائين ڍل جون ڪوڙيون رسيدون ٺاهڻ جا 12 ڪيس داخل ٿيل هئا. لاڙڪاڻو جي ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ تپيدار سرفراز ولد محمد اسماعيل ڪٽپر کي ڪرپشن ۽ ٺڳي جي مختلف ڪيسز ۾ جوابدار کي مجموعي طور 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته مٿس 3 لک رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي، جيڪو نه ڀرڻ جي صورت ۾ تپيدار کي وڌيڪ ڏيڍ سال قيد ڪاٽڻي پوندي


0 comments: